ساريگان گيت

ساريگان گيت: هي خوشيءَ جو گيت آهي، جيڪو اڪثر سامونڊي مهاڻا ڳائيندا آهن. هي گيت بنگال جي مهاڻن کان، سنڌ جي مهاڻن وٽ رائج ٿيو. هي گيت، مهاڻا، تار پاڻيءَ ۾ اوڀاري وڃڻ وقت ڳائيندا آهن. ٻيڙين جي مقابلي وقت اڪثر مانجهي گڏجي ڳائيندا آهن. منجهن جوش ۽ خروش پيدا ٿيندو آهي. ساريگان جي معنيٰ ’سارن (سڀني) جوگيت‘ آهي. هي گيت ڳائڻ مهل آهستگيءَ سان شروع ڪندا آهن ۽ ٻيڙيءَ جي تکي هلڻ سان گائڪيءَ ۾ جوش ايندو ويندو آهي. ساريگان مردن جو گيت آهي، پر ڪٿي ڪٿي عورتون به ڳائينديون آهن. هي ’گيت پاڻيءَ جي گيتن‘ ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو